اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز 26 مارچ تي مريم نواز جي نيب پيشي تي سياسي جٿن جي استعمال جي ڌمڪي جي مذمت ڪندي واضح ڪي?? آهي ته ڪنهن کي قانون جي پڪڙ کا?? بچڻ جي لاءِ پرتشدد حربن جي اجازت نه ڏني ويندي، پوري قوم ڏسي رهي آهي ته هڪ عورت سياسي پليٽ فارم استعمال ڪندي جواب ڏيڻ بدران اداري تي چڙهائي ڪرڻ وڃي رهي آهي. هو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري ره??و هو. پي ٽي آءِ جي سينيٽر شبلي فراز چيو ته مريم نواز جو ??ذريل ڏينهن يوٿ ڪنوينشن خطاب ۾ لهجو مايوس ڪندڙ هو، مريم نواز جو لهجو فهم ۽ فراست کا?? آجي ماڻهو جو لڳي ره??و هو. هن چيو ته فضل الرحمان سدائين مذهب ۽ دين کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪي??، انهن ماڻهن سياست کي غيرقانوني ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي.