اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي. افغانستان ۾ امن ۽ مستحڪم حڪومت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، پا??ستان ۽ چين ??ي گڏيل سهڪار ۽ ترقي کي دهشتگردن هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن چيني سفير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڪيو. پا??ستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ گهرو وزير جي رهائشگاهه تي ان سان ملاقات ??ئي. ملاقات دوران پا?? چين ٻه طرفن لاڳاپن سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گهرو وزير چيني سفير ۽ ٻين تي سفارتي عملي کي مانجهاندو ڏنو. ان ??وق??ي تي گهرو وزير چيو ته افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي اسان جو خطو تمام گهڻي اهميت اختيار ڪ??ي چڪو آهي. افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي. هن چيو ته گهرو وزارت افغانستان مان نڪرندڙن کي ڀرپور معاونت ڏئي رهي آهي، چيني شهرين ۽ پا??ستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين. ان ??وق??ي تي چيني سفير چيو ته پا??ستان ۾ چيني ڪمپنيون مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن. چيني شهرين ۽ ڪمپنين لاءِ سيڪيورٽي پروٽوڪول وڌيڪ سخت ڪيو وڃي.