اسلام آباد – 05 –; سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب مستونگ روڊ ??وئ??ٽا ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز سڄي ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جي قربانين کان به نه ٿيون ڪٻائين. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته دهشتگردن جي بزدلاڻين ڪاررواين ۽ ڪڌن ??قص??ن کي ناڪام بڻائيندا رهنداسين. هن چيو ته هو ??وئ??ٽا ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ ايف سي سيڪيورٽي جي جوانن جي بلند درجن ۽ گهرڀاتين جي صبر جميل جي لاءِ دعاگو آهي. هن چيو ته ٽي ٽي پي جي باقي رهيل دهشتگردن جو خاتمو ڪري سک جو ساهه کڻنداسين.