اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪاروباري عورتون ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، عورتن جي معاشرتي سرگرمين ۾ شرڪت کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ شهرن ۾ مهان??ائ?? جو مسئلو وڌيڪ آهي، 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي ۾ منتقل ٿيا جنهن جي ڪري اڄ ڳوٺن ۾ ماڻهو وڌيڪ خوشحال آهن، اسان کي مهان??ائ?? جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آمدني ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فنڪا مائيڪرو فنانس بئنڪ جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو 50 سيڪڙو حصو آهن، جيڪڏهن آبادي جو هڪ وڏو حصو ڪم نه ڪندو ته ملڪ اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. هن چيو ته اسان کي معاشي سرگرمين ۾ عورتن کي شريڪ ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي هي ملڪ ترقي ڪري سگهندو. چوڌري فواد حسين چيو ته هنرمند ۽ تعليم يافته عورتون پ??هن??ون ڪمپنيون جوڙي سگهن ٿيون، انهن جي لاءِ فنانس جي سهولت دستياب آهي، حڪومت به ڪيترن ئي پروگرامن ۾ عورتن کي مالي مدد مهيا ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نئين احساس پروگرام ۾ 5 لک رپين تائين جا قرض دستياب آهن، عورتون پ??هن??و ڪاروبار قائم ڪن، ڪاروبار هوندو ته روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. هن چيو ته وزيراعظم جيڪو ريليف پئڪيج ڏنو آهي ان جو مقصد 31 هزار رپين کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي اٽو، دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏيڻ آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته آمدني گهٽ ٿيڻ سان مهان??ائ?? جا مسئلا حل نه ٿيندا ۽ عالمي سطح تي تيل جون قيمتون گهٽ نه ٿينديون، ان لاءِ مهان??ائ?? جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آمدني ۾ اضافو لازمي آهي. هن چيو ته 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي ۾ منتقل ٿيا، اڄ شهرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺن ۾ ماڻهو وڌيڪ خوشحال آهن، شهرن ۾ مهان??ائ?? جا مسئلا وڌيڪ آهن، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پ??هن??ي آمدني ۾ اضافو ڪرڻو پوندو.