لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته مريم نواز خيبرپختونخوا ۾ پنهنجي شڪست جو جشن ملهائي رهي آهي، نواز ۽ زرداري جهڙن ماڻهن قرض کڻي ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو، اسان کي پنج سان ۾ انهن جو ورتل 55 ارب قرض واپس ڪرڻ?? آهي، زرداري جڏهن عدالت ويند?? آهي ته هو وهيل چيئر گهرائي وٺند?? آهي، ضمانت ملڻ بعد هو پنهنجي قد کان وڏيون ڀڙڪيون هڻڻ شروع ڪري ڇڏيند?? آهي، آصف زرداري پيپلزپارٽي جي اهڙي حالت ڪري ڇڏي آهي جو اڄ پيپلزپارٽي وٽ پنجاب ۾ چونڊ وڙهڻ لاءِ اميدوار ئي نه آهن، اهي پارٽيون صرف ميڊيا جي سهاري زنده آهن، پاڪستان جي عمومي معيشت ترقي طرف گامزن آهي. هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي ??زير چيو ته اسان کي اليڪشن نه قوم کي ڏسڻ جي ضرورت آهي، ماضي ۾ منگلا ۽ تريبيلا ڊيمن کانسواءِ ڪنهن ٻي وڏي ڊيم جي تعمير تي ڌيان نه ڏنو ويو، اسان ڊيمن جي تعمير تي ڪم شروع ڪيو، ڊيمن جي تعمير سان پاڻي جي ذخيرن ۾ بهتري ايندي، هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ٻه لک ڪمپنيون موجود آهن، هڪ لک 57 هزار ڪمپنيون صرف گذريل اڍائي سالن ۾ ٺهيون. وفاقي ??زير چيو ته زرعي شعبي تي اسان فوڪس رکيو، اسان جي پنج وڏن فصلن جي بمپر پيداوار ٿي، چانور، ڪڻڪ، مڪئي جي تاريخي پيداوار ٿي، ڪپهه جي پيداوار ۾ 44 سيڪڙو اضافو ٿيو، هن چيو ته زرعي شعبي ۾ 1100 ارب روپيا اضافي ويا، پاڪستان ۾ ڪارن، موٽرسائيڪلن، زرعي دوائن جو رڪارڊ وڪرو ٿي رهي?? آهي، وفاقي ??زير چيو ته اسان کي پنج سالن ۾ 55 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪرڻو آهي، نواز شريف ۽ زرداري جهڙن ماڻهن قرض کڻي ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو، انهن جا ورتل قرض اسان واپس ڪري رهيا آهيون، چوڌري فواد حسين چيو ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن ۾ صفايو ٿي وي?? آهي، مريم نواز کي پنهنجي ڪارڪنن وٽ وڃي کين حوصلو ڏيڻ گهربو هو پر هو خيبرپختونخوا ۾ پنهنجي شڪست جو جشن ملهائي رهي آهي. هن چيو ته اسان جو مقابلو سياسي ڄامڙن سان آهي، جڏهن زرداري کي عدالت وڃڻو هوند?? آهي ته هو وهيل چيئر گهرائي وٺند?? آهي ۽ معذورن جي گاڏين ت?? اچڻ وڃڻ شروع ڪري ڇڏيند?? آهي ۽ جڏهن کيس ضمانت ملندي آهي ته هو پنهنجي قد کان وڏيون ڀڙڪيون هڻڻ شروع ڪري ڇڏيند?? آهي. زرداري پيپلزپارٽي جي اها حالت ڪري ڇڏي آهي جو اڄ پيپلزپارٽي وٽ پنجاب ۾ چونڊ لاءِ اميدوار ئي نه آهن، اهي پارٽيون هاڻي ٽي وي چئنلز جي سهاري زنده آهن، انهن جي ڪوريج بند ٿي وڃي ته اهي فارغ ٿي ويندا، انهن جي سياست هاڻي مهانگائي تي پروپيگنڊا ڪرڻ رهجي وئي آهي، وفاقي ??زير چيو ته پيپلزپارٽي ٽيهه سالن کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ آهي ۽ آصف زرداري هاڻي سنڌ جي پلان لاءِ سوچي رهي?? آهي، هن چيو ته اهي ماڻهو لاهور ۽ اس??ام آباد جي چڪر ۾ لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه وڃڻ جا به ناهن رهيا. هن چيو ته نواز شريف ۽ زرداري کي پنهنجي باقي زندگي ٻاهرين ملڪ گذارڻي آهي، وفاقي ??زير چيو ته پاڪستان دنيا جي ستين ايٽمي طاقت آهي، اوورسيز پاڪستانين جو پنهنجي وطن لاءِ جذبو قابل تحسين آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان هڪ مستحڪم ملڪ بڻجڻ وڃي رهي?? آهي، پاڪستان جي عموعي معيشت ترقي طرف گامزن آهي.