اسلام ??با?? – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 186 تحت صدارتي ريفرنس فائل ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ کان راءِ گهري ويندي ته جڏهن هڪ پارٽي جي ميمبرن واضح طور تي هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث هجن ۽ وفاداريون تبديل ڪن ته انهن جي ووٽ جي آئيني حيثيت ڪهڙي هوندي، ريڪوزيشن تي اسيمبلي اجلاس جي تاريخ ڏيڻ اسپيڪر جي صوابديد آهي، سپريم ڪورٽ جو پنج رڪني بينچ اهو قرار ڏئي چڪو آهي ته جتي نااهلي جو مدو لکيل ناهي اتي نااهلي تاحيات ه??ندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پارٽي اڳواڻن جي اجلاس کانپوءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته سنڌ هائوس ۾ جيڪي ماڻهو قيد ڪيا ويا آهن کين آزاداڻي فيصلي جو اختيار هجڻ گهرجي ۽ کين آزاد ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته آرٽيڪل 63 ون اي تي ابهام ختم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کان پڇيو آهي ته توهان ٻڌايو ته هارس ٽريڊنگ جي آئين اجازت ڏي ٿو يا نه، ان حوالي سان صدارتي ريفرنس به موڪلي رهيا آهيون جنهن تي سپريم ڪورٽ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي ۽ ان تي عملدرآمد ڪنداسين. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو ته سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ اهو قرار ڏئي چڪي آهي ته جتي نااهلي جو مدو لکيل ناهي اتي نااهلي تاحيات ه??ندي ۽ اسان سپريم ڪورٽ کان به پڇيو آهي ته جيڪي ماڻهو نااهل هوندا، اهي ٻيهر اليڪشن وڙهي سگهندا يا تاحيات انهن تي پابندي هوندي، هن ??يو ته صدارتي ريفرنس سومر تي داخل ٿي ويندو، ان سلسلي ۾ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ٻڌايو آهي ته شوڪاز جو پراسيس الڳ هوندو، شوڪاز نوٽيس اسپيڪر ڏانهن موڪليا ويندا، هڪ طرف اسپيڪر نااهلي جي ڪارروائي شروع ڪندو ۽ ٻي طرف سپريم ڪورٽ کي چئي رهيا آهيون ته ان ريفرنس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪري فيصلو ٻُڌائي. چوڌري فواد حسين ??يو ته گهرو وزير شيخ رشيد احمد جائز طور تي سنڌ حڪومت جي غير آ??يني قدمن کان وفاق کي آگاهه ڪيو آهي ۽ سنڌ ۾ گورنر راڄ جي حوالي سان ??يو آهي ته اهو آپشن موجود آهي، هن ??يو ته تنهن هوندي به اسان فيصلو ڪيو آهي ته في الحال ان تي عمل نه ڪنداسين پر آ??يني بحران اهڙي طرح جاري رهيو ته ان تي غور ڪنداسين. چوڌري فواد حسين ??يو ته 27 مارچ تي اسلام ??با?? ۾ عظيم عاليشان جلسي جون تياريون ڀرپور طريقي سان جاري آهن، 27 مارچ تي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو اسلام ??با?? ۾ ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو ته اجلاس گهرائڻ اسپيڪر جو اختيار آهي، جنهن جي اڃان تاريخ حتمي نه آهي، هن ??يو ته رانا ثناءُ الله 25 مارچ تي اچڻ چاهي ته اچي وڃي، کيس پاڻي به پيارينداسين ۽ خاطر خدمت تي به غور ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته آرٽيڪل 63 ون اي تحت ٻه ڌار ڪارروايون ٿي رهيون آهن، هڪ ڪارروائي نااهلي لاءِ ۽ ٻي ڪارروائي سپريم ڪورٽ کان ٻه ڌار پڇيل سوالن بابت آهي، هن ??يو ته اسپيڪر وٽ اختيار آهي، هو فيصلو ڪندو ته ريفرنس جو انتظار ڪرڻو آهي يا نه ۽ تاريخ اسپيڪر مقرر ڪندو.