اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پوري دنيا اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي متفق ٿي چڪي آهي، او آءِ سي اجلاس ۾ سئو کان وڌيڪ قراردادون بحث هيٺ اينديون، ڪش??ير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. هو پرڏيهي وزارت ?? اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو سرڪاري ترانو جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزير چيو ته پ??ڪس??ان ڪجهه مهينن ۾ ٻيون ڀيرو مسلمان امت جي ميزباني ڪري رهيو آهي جيڪا اعزاز جي ڳالهه آهي. هي اجلاس ان لاءِ به منفرد آهي جو اهو پ??ڪس??ان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ٿي رهيو آهي. هن چيو ته او آءِ سي جا پرڏيهي وزير 23 مارچ تي پريڊ ۾ شريڪ ٿيندا. پرڏيهي مهمان اسان جي ثقافت ۽ ان ڏينهن جيڪو قومي يڪجهتي جو مظاهرو ٿي رهيو آهي، ان جو مشاهدو ڪندا. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي اجلاس جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جون تمام گهڻيون ڪوششون آهن. هن چيو ته اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن مسلمان امت کي فلسطين ۽ ڪش??ير مسئلي سميت ڪيترائي چئلين??ز درپيش آهن جڏهن ته ڪش??ير ۽ فلسطين جا مسئلا اڳ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن. افغانستان ۾ به انساني بحران جاري آهي. انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو ملندو. هن چيو ته ڪش??ير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي لاءِ جاري ڪيل تراني کي ناليواري گلوڪار علي ظفر ڳايو ۽ ٻيهر ٺاهيو آهي ۽ وڊيو الڪريم بيگ تيار ڪئي آهي.