اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قطر جي امير وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو ع??دو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان قطر لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ پوري حمايت جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير جا ٿورا مڃيا. هن قطر پاڪستان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، خاص طور تي وزيراعظم پاڪستان ۽ قطر جي ??چ ۾ معاشي سرگرمين کي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، مواصلات، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ٻيا اهم شعبا شامل آهن. وزيراعظم سيڪيورٽي، صحت ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي ڀلائي لاءِ قطر جي ??دمن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم افغان امن عمل ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته ??ئي ملڪ افغان عوام جي ??اءِ امن، استحڪام ۽ انساني امداد جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪندا رهن. وزيراعظم قطر جي امير کي جلد پاڪستان جو دورو ڪ??ڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ويجها گڏيل رابطا مضبوط ڪرڻ ۽ پاڪستان قطر لاڳاپن ۾ استحڪام ۽ وڌيڪ سگهه آڻڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.