ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خضدار ڪچلاڪ قومي رستي جي سيڪشن ون ۽ ٽو جي پي??هه جو پٿر رکي ڇڏيو. هڪ خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم منصوبي جي پي??هه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عب??القدوس بزنجو، مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، صوبائي وزير، پارليامين?? ميمبر ۽ اين ايڇ اي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. ڪراچي ڪوئيٽا چمن رستي جي ڪل ڊيگهه 700 ڪلوميٽر آهي. ڪراچي ڪوئيٽا چمن رستي جي 330 ڪلوميٽر حصي خضدار ڪچلاڪ کي نئين س?? تعمير سان گڏوگڏ ٻن ڦاڪن وارو ڪيو ويندو، ان رستي تي 37 پليون ۽ هڪ هزار ڪلورٽس ??اه??ا ويندا، ڏهاڙي 12 هزار کان وڌيڪ گاڏيون ان روڊ تي هلڻ سان ماڻهن کي سفر ۾ آساني ٿيندي. رستي جي تعمير سان 5 هزار ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا.