مڪه مڪرمه – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اسان اسلامي تعاون (او آءِ سي) جي ??يڪ??يٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ??سلمان امت جي مفادن جو فروغ پاڪستان جي پرڏيهي پالي??ي جو بنيادي ٿنڀ آهي. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي موجوده چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان او آءِ ??ي جي ميمبر ملڪن جي دلچسپي ۽ ان جي ڳڻتي بابت معاملن ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي او آءِ ??ي جي صاف ۽ مسلسل حمايت تي او آءِ ??ي جي ??يڪ??يٽري جنرل جو ٿورو ادا ڪيو. هن تنظيم تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ج?? پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ سفارتي ڪوششن جي قيادت ڪري. وزيراعظم شهباز شريف او آءِ سي کي چيو ته ??سجد اقصيٰ ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۾ جاري اسرائيلي جارحيت کي روڪرائڻ لاءِ جامع ڪوششون ڪيون وڃن، هن زور ڏنو ته اسرائيل کي مقدس ۽ مبارڪ مسجد اقصيٰ کي مختلف عقيدا رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ عارضي يا مقامي طور تي ورهائڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. وزيراعظم افغانستان جي عوام لاءِ فوري انساني مدد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو.هن زور ڏنو ته عالمي سطح تي اسلامو ف??بيا جي وڌندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ او آءِ سي کي پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم شهباز شريف ??يڪ??يٽري جنرل کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي ??يڪ??يٽري جنرل قبول ڪري ورتو. ??يڪ??يٽري جنرل وزيراعظم شهباز شريف کي منصب عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي او آءِ ??ي جي باني ميمبر ج?? طور تي پاڪستان جي فعال ۽ اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. ??يڪ??يٽري جنرل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار ج?? پرامن ۽ منصفاڻي حل لاءِ او آءِ ??ي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن مسلمان امت کي درپيش اهم مسئلن خاص طور تي فلسطين، افغانستان ۽ اسلامو ف??بيا تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.