انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف سان ترڪي جي مشهور ڪمپنين جي سربراهن ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ موجوده حڪومت جي قدمن تي اعتماد جو اظهار ڪندي مختلف منصوبن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيرا??ظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان انقره ۾ ترڪ سيڙپڪارن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. وزيرا??ظم سان سياه قلم انجنيئرنگ جي وفد ڪمپني جي صدر سنگيز اوزدمير جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي ۽ وزيرا??ظم جي قيادت ۾ موجوده حڪومت جي پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ قدمن تي اعتماد ۽ ڪمپني پاران سولر، ونڊ، پن بجلي، ويسٽ مينيجمينٽ ۽ هائوسنگ جي منصوبن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ترڪي جي مشهور ڪمپني آرچيلڪ جي وفد ڪمپني جي چيف ڪمرشل آفيسر سان دنسر جي قيادت ۾ ملاقات ۾ پاڪستان جي حڪومت پاران ٻاهرين سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ تي خراج تحسين پي?? ڪيو، وزيرا??ظم سان زورلو انرجي ترڪي جي وفد سي اي او سينان اي ڪي جي قيادت ۾ ملاقات ۾ وزيرا??ظم کي پاڪستان ۾ زورلو انرجي پاران توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ??ن کانسواءِ وزيرا??ظم کي آگاهه ڪيو ويو ته چار سالن کان گذريل حڪومت جي غفلت جي ڪري جن منصوبن تي ڪم رڪيل هو انهن کي هن حڪومت جي ايندي ئي شروع ڪيو ويو آهي جيڪو وزيرا??ظم شهباز شريف جي پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جي فروغ کي ترجيح ڏيڻ جو ثبوت آهي. وزيرا??ظم شهباز شريف سان البيراڪ ڪمپني جي وفد صدر احمد البيراڪ جي قيادت ۾ ملاقات ۾ وزيرا??ظم کي آگاهه ڪيو ته گذريل حڪومت ۾ ڪمپني جي ساک کي نقصان پهچايو ويو ۽ ان تي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو ۽ ان جي ورڪرن کي هروڀرو گرفتار ڪري جيل ۾ رکڻ سان گڏوگڏ انهن تي بي بنياد الزام لڳايا ويا، ان موقعي تي وزيرا??ظم شهباز شريف چيو ته افسوس ۽ ڏک جو مقام آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري روڪڻ جي ڪڌي سازش ڪئي وئي، گذريل حڪومت گذريل حڪومتن جي سمورن منصوبن کي سياسي دشمني ۾ تباهه ڪيو، هن چيو ته سمورن سيڙپڪارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، وزيرا??ظم چيو ته هن پنجاب جي وڏي وزير طور ويسٽ مينيجمينٽ ڪمپني جي معاهدي ۾ 90 ملين ڊالر بچايا. ڪمپني جي وفد وزيرا??ظم شهباز شريف جي قيادت ۽ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي گهري اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم انهن جي سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائندي کين پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. وزيرا??ظم شهباز شريف سان حيات ڪيميا ڪمپني جي وائيس پريزيڊنٽ علي زيبڪ جي قيادت ۾ وفد به ملاقات ڪئي ۽ حيات ڪيميا پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان سمورن مسئلن جي خاتمي جون هدايتون جاري ڪيون.