اس??ام آباد – 10 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته ??ار?? مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جي خلاف ڀرپور مهم جاري رکي آهي، توهين آميز جملن جي معاملي تي ??ار??ي سفارتڪار کي گهرائي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، ??ار?? ڪنهن ٻي کي نه پر پنهنجو پاڻ کي ئي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، ??ار?? کي ڪشمير ۾ ظلم بند ڪري اتي فوري گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزاداڻي راءِ شماري ڪرائڻ گهرجي. هو پرڏيهي آفيس ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏئي رهيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو ته ??ار??ي بي جي پي جي ٻن عملدارن پاران توهين آميز جملن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود مختلف سفارتڪارن کي ??ار?? ۾ توهين آميز جملن، هندو توا جي فروغ ۽ اقليتن تي ??ار??ي ظلم کان آگاهه ڪيو، جيڪڏهن ??ار?? ۾ ٿوري به اخلاقي جرئت آهي ته هو فوري طور تي ان بي جي پي عملدارن جي بيانن جي مذمت ڪري، ??ار?? انهن عملدارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي، هن چيو ته پاڪستان مذهبي هم آهنگي ۽ رواداري کي فروغ ڏئي رهيو آهي، پاڪستان 600 کان وڌيڪ سک ياترين کي مقدس ماڳن جي ياترا لاءِ ويزا جاري ڪئي، هن ٻڌايو ته جرمن پرڏيهي وزير انا لينائبير بوڪ پاڪستان جو دورو ڪيو، بدقسمتي سان ڪ??رونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي ڪري جرمن پرڏيهي وزير کي دورو مختصر ڪرڻو پيو، هن ٻڌايو ته ايراني سفير وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم بلوچستان ۾ لڳل با??ه وسائڻ ۾ ايران جي مدد تي ٿورو ادا ڪيو، هن چيو ته گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۽ آذربائيجان جي سفارتخاني پاران گڏيل تقريب جو انعقاد ڪيو ويو.