اسلام آباد ?? 22 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاتون اول بيگم ثمينه علوي سان گڏ ڪور??نا ويڪسين جي بوسٽر ڊوز لڳرائي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ۽ سندس گهرواريءَ ايف نائين پارڪ ۾ پنهنجو وارو اچڻ تي بوسٽر ڊوز لڳرائي. صدر عوام کي وقت سر بوسٽر ڊوز لڳ??ائ?? جي تاڪيد ڪئي آهي. صدر چيو ته ڪورونا جي خلاف جنگ اڃان جاري آهي ۽ پوري قوم کي گڏجي ان وبا جو مقابلو ڪرڻو پوندو.