اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ش??با?? شريف چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ پاڪستا??ين هڪ ڏي??هن ۾ 57 ملين ڊالرز ملڪ موڪلڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائڻ واري رقم 4.5 ارب ڊالر کان وڌي وئي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۽ وزيراعظم جي ٽوئيٽ موجب وزيراعظم ش??با?? شريف هڪ ئي ڏي??هن ۾ رڪارڊ 57 ملين ڊالرز پاڪستان موڪلڻ تي ٻاهرين ملڪ پاڪستا??ين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گذريل هڪ ڏي??هن ۾ سڀ کان وڌيڪ 57 ملين ڊالر اسٽيٽ بئنڪ کي مليا آهن ۽ اها رقم ٻاهرين ملڪ پاڪستا??ين پاران هڪ ڏي??هن ۾ موڪلڻ واري هن وقت تائين جي سڀ کان وڌيڪ رقم آهي. هڪ ڏي??هن ۾ آيل ان رقم کانپوءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندڙ رقم جو ماپو 4.5 ارب ڊالر کان ٽپي ويو آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت روشن ڊجيٽل اڪائونٽ اسڪيم جي مڪمل حمايت ۽ سرپرستي ڪري رهي آهي، هڪ ڏي??هن ۾ رڪارڊ رقم موڪلڻ تي ٻاهرين ملڪ پاڪستا??ين جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، ج??هن جون دليون پاڪستان جي محبت سان ڀريل آهن، ٻاهرين ملڪ پاڪستاني غير ملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذريعي سدائين ملڪي معيشت جي مضبوطي ۽ بهتري ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن. توهان سان واعدو آهي ته موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڌٻڻ مان نڪري توهان جي اميدن ۽ لاڳاپن تي پورو لهنداسين، وزيراعظم چيو ته کيس مڪمل يقين آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني مستقبل ۾ به پاڪستان جي مدد انهي خلوص جي جذبي سان ڪندا رهندا، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستا??ين جي سهولت لاءِ موجوده حڪومت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، اسان توهان جي زندگين ۾ آسانيون آڻڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين.