اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ معاهدو 5 ??رب ڊالر جو شروعاتي واپاري هدف ??اصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ اڄ جمعي ڏينهن سامان جي واپاري جي معاهدي سان موقعن جون نيون راهون کلنديون. هن چيو ته هي معاهدو 5 ??لين ڊالر جو شروعاتي واپاري هدف ??اصل ڪرڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار جا لامحدود امڪان آهن. دنيا ڄاڻي وٺي ته اسان ڪاروبار جا خواهشمند آهيون.