??کر – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف توانائي واري وزير کي سنڌ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. س??ڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ريليف ڪئمپ ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردا??ي، وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، س??ڌ جي وڏي وزير سان گڏ ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي عملدارن وزيراعظم کي متاثرين جي بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني. ??کر ۾ بريفنگ دوران وزيراعظم ??هب??ز شريف کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري شهرن جو رابطو ڪٽجي ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي، ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري مواصلاتي رابطو ڪٽجي ويو آهي، شهر ۽ ڳوٺن جو انفراسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي، تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، ٻوڏ سبب لائيو اسٽاڪ ۽ فصلن کي پڻ نقصان پهتو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 43 فلڊ ريليف ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن، فلڊ ريليف ڪئمپن ۾ متاثرين کي دوائون ۽ کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف توانائي واري وزير کي سنڌ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. بعد ۾ وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف ٻوڏ متاثرين سان ملاقات پڻ ڪئي.