اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي برطانوي وزيراعظم الزبيٿ ٽرس کي ت??زيتي خط لکيو آ??ي جنهن ۾ ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي برطانوي هم منصب ۽ ان جي وسيلي شاهي خاندان سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خط ۾ چيو ته بحيثيت ملڪه برطانيا تي ڊگهي ت??ين مدي ت??ئين حڪمران ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪه ايلزبيٿ ٻه ان سموري عرصي ۾ برطانيا ۽ سڄي دنيا ۾ مثبت تبديلين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي دولت مشترڪه جي لاءِ خلوص ۽ ان جي انٿڪ نگراني ۾ اها تنظيم دنيا جي سڀ کان وڏي آزاد ملڪن جي تنظيم بڻجي وئي. وزيراعظم چيو ته ڊگهي عرصي ت??ئين عوامي مفادن جي ت??فظ جي لاءِ خدمتن جي باوجود ملڪه ايلزبيٿ جي شخصيت ۽ ان جي موجودگي يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي لاءِ اتحاد ۽ اخوت جي طاقت جو نشان بڻي، برطانيا ۽ دولت مشترڪه جي سربراهه طور پاڪستاني عوام جي ملڪه ايلزبيٿ جي لاءِ سدائين احترام ۽ عزت جا جذبا رهيا. وزيراعظم چيو ته ڏهاڪن تي ??ڌل ان جي حڪومت دوران پاڪستاني عوام ۽ ملڪه ايلزبيٿ جي وچ ۾ ان عزم ۽ احترام جي رشتي ۾ مضبوطي ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري پاڪستاني قوم جون سموريون همدرديون برطانوي شاهي خاندان، برطانوي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن.