اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??مورن شهيدن کي انهن جي لازوال قربانين تي زبردست خراج عقيدت ۽ انهن جي گهرڀاتين کي انهن جي ??زم ۽ استقامت تي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو آهي. والاريل ڪشمير تي ڀارتي جي ??يرقانوني قبضي جي ??لاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ ڀارت جي ??يرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي انهن جي مرضي جي ??لاف غيرقانوني قبضي کي 75 سال مڪمل ٿيا آهن. 75 سال اڳ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت پنهنجي فوج بردستي والاريل ڪشمير ۾ لاٿي ۽ ان وقت کان ڀارت علائقي تي زبردستي ۽ غيرقانوني قبضو جاري رکيو آهي. هن چيو ته 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار زبردست مشڪلاتن جي ??لاف اميد جي ??نگ، خوف جي ??لاف همت ۽ ظلم جي ??لاف قرباني جي ??نگ رهيو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تبديلين جي لاءِ ڀارت جي ڪڌ مهم 5 آگسٽ 2019ع کان تيزي سان جاري آهي جڏهن ڀارت پنهنجي ??ي آئين جي ??ر??يڪ?? 370 ۽ 35 اي کي رد ڪري ڇڏيو جنهن والاريل ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني هئي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت گذريل 3 سالن دو??ان جابراڻا قدم کنيا جن جي ??ريعي ڪشمير جي مسلمان اڪثريتي علائقن ۾ هندو اڪثريتي چونڊ تڪ ٺاهيا، غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا، زمين ۽ ملڪيت بابت نوان قانون ۽ ٻيا توسيع پسنداڻا ۽ جابراڻا قدم شام?? آهن. هن چيو ته چونڊ فهرستن ۾ غيرڪشميري رهواسين کي شامل ڪيو پيو وڃي، اهي غيرجمهوري ۽ غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي ??ڌوسنئون خلاف ورزي آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشميرين جي ??ڃاڻپ کي تبديل ڪرڻ جو ڀارت جو ڪڌو قدم بدنيتي تي ٻڌل مهم کانسواءِ ڪجهه نه آهي. هن چيو ته 9 لک ڀارتي فوج جي موجودگي سان والاريل ڪشمير دنيا جي ??ڀ کان وڌيڪ فوجي ??کندڙ علائقن مان هڪ بڻجي ويو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪشميرين جا 3 نسل دنيا ۽ گڏيل قومن جي واعدن جو انتظار ڪندا رهيا ته اهي ڪشمير مسئلي جي ??ل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها ڀارت کي جواب??ه بڻائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي، ڀارتي حڪومت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي.