اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان جي ملڪي سياست ۾ تشدد جي ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي، پي ٽي آء?? چيئرمين ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آء?? چيئرمين عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هن ??فا??ي گهرو وزير کان واقعي جي فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم چيو ته هو پي ٽي آء?? چيئرمين ۽ ٻين زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهي، ??فا??ي حڪومت پنجاب حڪومت کي سيڪيورٽي ۽ جاچ جي لاءِ هر ممڪن تع??ون فراهم ڪندي. ه?? چيو ته اسان جي ملڪي سياست ۾ تشدد جي ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي.