اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته رياست جي عملداري هر قيمت تي قائم ڪ??ي ويندي، ڪنهن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج جي بي مثال ق??با??ين جي ذريعي حاصل ڪي?? ڪاميابين کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجا??ت نه ڏني ويندي. هو سي ايم ايڇ راولپنڊي ۾ سي ٽي ڊي بنون آپريشن ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهائي رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه خميس ڏينهن سي ايم ايڇ راولپنڊي سي ٽي ڊي ڪمپليڪس بنون آپريشن دوران زخمي ٿيندڙ آفيسرن ۽ جوانن جي عيادت ڪئي، وزيراعظم آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فوجين جي جرئت ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين پاڪستان جي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تمام گهڻيون ق??با??يون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته اسان پرامن ۽ مستحڪم ماحول حاصل ڪرڻ تائين هر قسم جي دهشتگردن، انهن جي حامين ۽ همدردن جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ کي ٽوڙڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم چيو ته رياست جي عملداري هر قيمت تي قائم ڪ??ي ويندي ۽ ڪنهن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج جي بي مثال ق??با??ين جي ذريعي حاصل ڪي?? ڪاميابين کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجا??ت نه ڏني ويندي.