اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 2022ع دوران تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون جا ٿورائتا آهيون، ٻوڏ کانپوءِ متاثر??ن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ بئنڪ جي وڌيڪ تعاون جا خواهشمند آه??ون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر شي زن چن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي خوشي ٿي آهي. پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو ماڻهن سان تعاون ۽ يڪجهتي ساراهه جوڳي آهي ۽ اسان مستقبل ۾ ان تعاون کي جا??ي رکڻ جا خواهشمند آه??ون. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سان ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ڪم جا??ي آهي، حصيدارن سان گڏجي اسان هڪ مضبوط موسمياتي ردعمل کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين.