اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف رياست ذرو برابر به برداشت جو مظاهرو نه ڪندي ۽ ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو ويندو، ملڪي مفادن ۾ اسان سڀني کي گ??جڻ?? پوندو، 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ عمران خان کي به دعوت ڏني آهي. وزيراعظم پنهنجي مختلف ٽوئيٽس ?? چيو ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سول ۽ ملٽري قيادت پاڪستان جي عوام جي جان ۽ مال جي هر قيمت تي تحفظ جو وچن ورجايو آهي. هن ??يو ته جيڪي به معصوم ماڻهن تي حملا ڪن ٿا انهن ??ي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي کي ٻيهر ڪَر کڻڻ نه ڏنو ويندو. هن ??يو ته گڏجاڻي ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي تي غور ??يچ??ر ڪيو ويو ۽ ان ڳا??هه تي اتفاق ڪيو ويو ته وفاق ۽ صوبا هڪ ئي پاليسي اختيار ڪندا. جڏهن ته نيسنل ايڪشن پلان تي به غور ??يچ??ر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته جاچ فرانزڪ ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي سگهارو بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن ??يو ته ميڊيا مذهبي عالم ۽ سياسي اڳواڻ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ماڻهن ۾ عوامي راءِ جوڙين. هن ??يو ته دهشتگردي جي خلاف رياست ذرو برابر به برداشت جو مظاهرو نه ڪندي. جڏهن ته گڏجاڻي ۾ ان ڳا??هه تي اتفاق ڪيو ويو ته فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ اداراتي مڪينزم ٺاهيو ويندو. جڏهن ته وزيراعظم ان کانسواءِ چيو ته مون ملڪي مفادن جي لاءِ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو سوچيو آهي ان جي لاءِ 7 فيبروري تي اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي آهي جنهن ۾ مون عمران خان کي پڻ دعوت ڏني آهي ڇو ته ملڪي مفادن جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو ۽ پنهنجا ذاتي اختلاف وسارڻا پوندا.