ڪراچي – 16 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خوشاب ضلعي جي پارٽي اڳواڻ حاجي مرزا نياز بيگ سان تع??يت جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري پڌرائي موجب بلاول ڀٽو زرداري حاجي مرزا نياز بيگ سان سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن تع??يتي پيغام ۾ چيو ته توهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تع??ليٰ مرحومه جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.