اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ف??رن آفيس وومين ايسوسيئيشن جي هڪ وفد تباهي آڻيندڙ زلزلي متاثر ترڪيءَ ۽ شام جي عوام لاءِ عطيو ڏيڻ جي لاءِ ترڪيءَ جي سفير مهمت پڪاسي ۽ شام جي سفير رميز الراعي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ف??رن آفيس وومين ايسوسيئيشن ??ي صدر مسز زنيره اسد انهن کي چيڪ پڻ ڏنو. پاڪستان ف??رن آفيس وومين ايسوسيئيشن ??ي صدر ٻنهي ملڪن ۾ زلزلي سان قيمتي جانين جي افسوسناڪ نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن مارجي ويلن جي لاءِ دعا ۽ باهمت ڀائر عوام ??ي صحت??اب?? جي لاءِ دعا پڻ ڪئي. ترجمان موجب پاڪستان ف??رن آفيس وومين ايسوسيئيشن پاران ڏنل عطيو ضرورت جي هن وقت ترڪيءَ ۽ شام جي ??ائر عوام جي لاءِ پرڏيهي وزارت جي يڪجهتي ۽ حمايت کي ظاهر ڪري ٿو. پاڪستان ف??رن آفيس وومين ايسوسيئيشن ملڪ ۾ 2005ع جي زلزلي، 2010ع ۽ 2022ع جي ٻوڏ سميت ٻاهرئين ملڪ ۽ قومي سطح تي قدرتي آفتن جي متاثرين جي ??لائي ۽ هنگامي امداد جي ??وششن ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو آهي. پاڪستان ف??رن آفيس وومين ايسوسيئيشن هڪ رجسٽرڊ غيرسرڪاري تنظيم آهي، جيڪا پاڪستان ف??رن سروس جي آفيسرن جي ??هروارين ۽ پاڪستان جي عورت سفارتڪارن کي خيراتي ڪمن جي لاءِ گڏ ڪري ٿي.