اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) ڪم ڪار واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتس?? فوزيه وقار پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي کانئس حلف و??تو. حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. ايوان صدر ج?? پريس ونگ موجب صدر گذريل ڏينهن وفاقي محتسبين اداراجاتي سڌارا ايڪٽ 2013ع جي سيڪشن 3 ۽ 21 تحت فوزيه وقار ج?? ڪم ڪار واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي عهدي تي مقرري جي منظوري ڏني هئي. اها مقرري ڪشمالا طارق جي بطور ڪم ڪار واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جو مدو م??مل ٿيڻ تي عمل ۾ آندي وئي آهي.