لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي تعليم جي شعبي ۾ بهترين خدمتون سر??نج??م ڏيندڙ يونيورسٽي آف ايجوڪيشن لاهور جي وائيس چانسلر ۽ ملڪ جي ناليواري اسڪالر پروفيسر ڊ??ڪٽر طلعت نصير پ??شا (ستاره امتياز) کي هلال امتياز عطا ڪيو. ترجمان موجب گذريل سال ملڪ جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي سائنس، انجنيئرنگ ۽ تعليم جي شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي تي پروفيسر ڊ??ڪٽر طلعت نصير پ??شا (ستاره امتياز) کي هلال امتياز عطا ڪرڻ جو ا??لان ڪيو هو، جنهن تي عملدرآمد گذريل ڏينهن 23 مارچ 2023ع تي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ پروقار تقريب دوران ڪيو ويو. ترجمان موجب پروفيسر ڊ??ڪٽر طلعت نصير پ??شا کي ان کان اڳ 2015ع ۾ ويٽرنري سائنسز جي شعبي ۾ بهترين خدمتن تي ستاره امتياز ۽ 2009ع ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاران بيسٽ ٽيچر ايوارڊ پڻ عطا ڪيو ويو آهي. درس ۽ تدريس ۽ انتظامي شعبي ۾ 4 ڏهاڪن کان وڌيڪ جو تجربو رکندڙ ناليواري اسڪالر پروفيسر ڊ??ڪٽر طلعت نصير پ??شا کي ملندڙ هن ايوارڊ تي سڄي ملڪ جي تعليمي ۽ انتظامي ڌُرين خوشي جو ا??هار ڪيو آهي. ترجمان موجب يونيورسٽي آف ايجوڪيشن لاهور جي استادن، اسٽاف ۽ شاگردن پڻ اداري جي سربراهه کي ان اهم ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي.