ڪراچي – 27 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي ??ي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا جي سينيئر صحا??ي سليم شاهد سا?? سندس ڀاءُ ضياءَ فاروق جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بي??ن موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته توهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، الله تعاليٰ توهان کي ۽ توهان جي خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ ان کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.