اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال ج?? بجيٽ ۾ بجلي جي پيداوار، رسد ۽ ورڇ جي بهتريءَ لاءِ 107 ا??ب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آ??ي. وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وفاقي ڪابينه کان منظوريءَ کان پوءِ وفاقي بجيٽ جي دستاويز قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بجليءَ جي پيداواري صلاحيت 41 هزار ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آ??ي، ان ۾ پن بجليءَ جو حصو 25 سيڪڙو آهي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ضروري آ??يته بجلي جي پيداوار ۾ ملڪي وسيلن ۽ تجديد جوڳي توانائيءَ جو وڌ کان وڌ استعمال ڪري سگهجي ته جيئن ملڪي آ??دني واپار کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ بجلي جي پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي، ان سان گڏوگڏ بجلي جي رسد جي نظام ۾ بهتري آڻڻ به حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي. اسحاق ڊار چيو ته پي ايس ڊي پي ۾ وڌ کان وڌ رسد واري نظام جي بهتري آڻڻ به حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اسحاق ڊار چيو ته بجلي جي شعبي ۾ ڪوئلي مان هلندڙ ڄامشورو پاور پلانٽس 1200 ميگاواٽ جي تڪميل لاءِ اينڊڙ مالي سال ۾ 12 ا??ب رپين جي رقم رکي ويندي. پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ 500 ڪي وي ٽرانسميشن لائين جي منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ 16 ا??ب رپيا رکڻ جي تجويز پيش ڪئي آ??ي. اين ٽي ڊي سي جي موجوده گرڊ اسٽيشنز ۾ گنجائش ۾ بهتري آڻڻ لاءِ 5 ا??ب رپيا، سڪي ڪناري، ڪوهالا ۽ محل هائيڊرو پلانٽ مان بجلي جي رسد لاءِ 13 ا??ب رپيا ۽ داسو هائيڊرو پاور پلانٽ مان بجلي جي رسد لاءِ 6 ا??ب رپيا فراهم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آ??ي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان پنهنجي توانائي جي ضرورتن لاءِ آمدني واپار تي ڀاڙي ٿو، ان آمدني واپار جي قيمت ۾ ناڻي واڌ جو هڪ اهم سبب آهي ۽ ان جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪرڻ لاءِ اسان جي حڪومت پاڪستاني ڪوئلي جي استعمال ۽ شمسي توانائي کي هٿي ڏيارڻ لاءِ پختو ارادو رکي ٿي. ان سلسلي ۾ مختلف قدم کنيا پيا وڃن ج?? ۾ ??وئلي تي هلندڙ بجلي جي ڪارڪنن جي ترغيب ڏني پئي وڃي ته هو مقامي ڪوئلو استعمال ڪن. اهڙيءَ طرح سولر پينلز، انورٽر ۽ بيٽريز ۽ خام مال کي ڪسٽم ڊيوٽي کان آجو ڪيو پيو وڃي. خام تيل، ريفائينڊ پيٽروليم شيون اسان جي توانائيءَ جي ضرورتن جو وڏو حصو آهن ۽ ماضيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا انهن شين جي کوٽ پيدا ٿي آ??ي جنهن سان سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽون آيون، هاڻي اهڙي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پيٽروليم شين لاءِ بانڊڊ بلڪ اسٽوريج جي پاليسي جاري ڪئي پئي وڃي، ان پاليسيءَ تحت پرڏيهي سپلائر پنهنجي مالي وسيلن لاءِ بين الاقوامي منڊيءَ مان خام تيل ۽ پيٽروليم شيون پاڪستان گُهرائي بانڊڊ بلڪ اسٽوريج ۾ ذخيرو ڪندا. ضرورت وقت ريفائنري يا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيءَ کي غير ملڪي سپلائر کان هي شيون خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي.