اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ??ادر ملت فاطمه جناح ??اڪستان جي آزادي واري جدوجهد ۾ مک حيثيت رکندي هئي، پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ??ادر ملت فاطمه جناح ??ائداعظم جي زندگي جي ڏکين ۽ مشڪل مرحلن ۾ هڪ اهڙي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪيو جنهن قائد کي هميشه همت ۽ حوصلو ڏنو ۽ سندس مقصد لاءِ ان جي جدوجهد ۾ طاقت بڻجي بيٺي. هن چيو ته جڏهن ملڪ کي ان جي قيادت جي ضرورت پئي ته ??ن ماڻهن جي خدمت لاءِ آمريت سان مهاڏو اٽڪايو. هن سياست کي محنت، لگن ۽ ذاتي عرض کان هٽي بنيادي اصولن تي هلائڻ واري نظرئي جي پيروي ڪئي. جيڪ?? ذاتيات کان وڌيڪ قوم جي خدمت تي ٻڌل هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ??ون سميت پوري قوم مادر ملت کي ان جي 56هين ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.