روالپنڊي-14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوج اف??انستان ۾ ٽي ٽي پي جي محفوظ پناهگاهن ۽ آ??اد??ڻي ڪارروائيءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي توقع ظاهر ڪئي آهي ته عارضي اف??ان حڪومت حقيقي معنائن ۾ ۽ دوحه معاهدي ۾ ڪيل واعدن مطابق ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگرديءَ جو سبب بڻجندڙ لاءِ پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي، اهڙيءَ طرح جا حملا ناقابل برداشت ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز طرفان مؤثر جواب ڏنو ويندو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڪوئيٽه گيريزن جو دؤرو ڪيو جتي هن کي زوب ۾ ٿيل هاڻوڪي دهشتگرد حملي تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف شهيدن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو. سي ايم ايڇ ڪوئيته ۾ زخمين جي عيادت ڪئي، قوم لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ انهن جي عزمن کي ساراهيو. پاڪ فوج کي اف??انستان ۾ ٽي ٽي پي جي محفوظ پناهگاهن ۽آ??اد??ڻي ڪارروائي تي ??دي?? ڳڻتي آهي. توقع آهي ته عارضي اف??ان حڪومت حقيقي معنائن ۾ دوحه معاهدي ۾ ڪيل واعدن مطابق ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگرديءَ جو سبب بڻجندڙ لاءِ پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي. پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي ڪاررواين ۾ اف??ان شهرين جو ملوث هئڻ هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙيءَ طرح جا حملا برداشت جوڳا ناه??. پ??ڪستان جي سيڪيورٽي فورسز طرفان مؤثر جواب ڏنو ويندو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن خلاف آپريشن بنا روڪ ٽوڪ جي جاري رهندي ۽ هٿياربند فوج ان وقت تائين آرام سان نه ويهندي جيستائين ملڪ مان دهشتگرديءَ جي لعنت کي پاڙؤن پٽي ڦٽو نه ڪنداسين. ان کان اڳ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽه آرمي چيف جو استقبال ڪيو.