اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ورلڊ جونئير اسڪواش چيمپئن کڻڻ تي حمزه خان، قوم ۽ سمورن ??انديگرن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اميد آهي ته ايندڙ وقت ۾ توهان اسڪواش ?? پاڪستان کي هڪ ڀيرو ناقابل تسخير بڻائيندا. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق 37 سال بعد اهو ٽائيٽل ٻيهر پاڪستان جي نالي ڪرڻ تي حمزه خان جو شڪريو ادا ڪيون ٿا، حمزه خان 1986ع جي ورل?? اسڪواش چيمپئن جان شير خان جي فتح جي ياد تازي ڪري ڇڏي. اسڪواش جي ميدان ?? پاڪستان جو جهنڊو هڪ ڀيرو ٻيهر بلند ڪرڻ تي قوم توهان کي خ??اج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم حمزه خان جي والدين، ڪوچ ۽ سموري ٽيم کي به مبارڪون ڏيندي چيو ته اسان جي 15 مهينن جي دور ۾ جبل چاڙو، باڪسنگ، اسڪواش ۽ ٻين راندين ?? پاڪستان ڪيترائي اعزاز پنهنجي نالي ڪيا.