اسلام آباد – 04 – آگسٽ (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قم?? زمان ڪائره ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قم?? زمان ڪائره وزيراعظم کي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت سان لاڳاپيل معامل?? تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ قم?? زمان ڪائره وزيراعظم کي 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ٿيندڙ سرگرمين، سيمينارز ۽ آگاهي مهم خاص طور تي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سفارتخانن ۾ ان حوالي سان آگاه?? پيدا ڪرڻ جي لاءِ تقريبن بابت آگاهه ڪيو.