اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته گوجرانوالا بورڊ ۾ ميٽرڪ جي ا??تح??ن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ جمشيد علي جهڙا روشن ستارا اسان جي قوم جو فخر ۽ نوجوان نسل جي لاءِ رول ماڊل آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گوجرانوالا بورڊ ۾ ميٽرڪ جي ا??تح??ن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ هوشيار شاگرد جمشيد علي سا?? ملي انتهائي خوشي ٿي، ان جي ڪاميابي ۾ جيستائين ان جي پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ شامل آهي اتي ان جي والدين ۽ استادن جي به ايتري ئي محنت آهي. وزيراعظم چيو ته مون جمشيد علي جي مثالي ڪارڪردگي تي ان جي حوصلا افزائي جي لاءِ 10 لک رپين جو انعام ڏنو، ماسٽرز تائين تعليم جا خرچ حڪومت پاران برداشت ڪرڻ، ماهوار 30 هزار رپين جي وظيفي سا?? گڏوگڏ ان کان اهو وچن پڻ ورتو آهي ته هو اڳتي به ائين ئي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندو، جمشيد علي جهڙا روشن ستارا اسان جي قوم جي فخر سا?? گڏوگڏ نوجوان نسل جي لاءِ رول ماڊل آهن. وزيراعظم ٽوئيٽ سا?? گڏ جمشيد علي سا?? پنهنجي ملاقات جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون آهن.