اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ مختلف ڪمپنين کي ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي حفاظت يق??ني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن بلوچستان سان تعلق رکندڙ ڪوئلي جي کاڻين جي ڪمپنين جي وفد سان ملاقات دوران ڏني، وفد وزيراعظم کي بلوچستان جي ترقي کي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ جي ويزن تي کيس ??راج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي بلوچستان ۾ ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي جي صنعت کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو، وزيراعظ?? وفد کي انهن جي مسئ??ن جي حل جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان معدنيات سان مالا مال آهي، اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن سرفراز احمد بگٽي، شاهد اشرف تارڙ سميت بلوچستان جي نگران وڏي وزير، صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.