اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين ا??مذاهب هم آهنگي بابت نگران وفاقي وزير انيق احمد چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن نبي ڪريم ﷺجي ولادت باسعادت جو ڏينهن آهي، اسان کي پنهنجون زندگيون نبي ڪريم ﷺجي سنت موجب گذارڻ گهرجن، نبي ڪريم ﷺجي صداقت ۽ امانت جون گواهيون به دشمنن به ڏنيون ۽ ڪفار مڪه پڻ ڏيندا هئا، هن پنهنجي ڪردار ۽ اخلاق سان ??ين جي سربلندي ڪئي. اهڙو اظهار هن رٿيل قومي سيرت ڪانفرنس کي خط??ب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان ??و وزيراعظم دين سان محبت رکي ٿو، هن چيو ته حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ فرمايو ته غربت انسان کي ڪفر تائين وٺي وڃي سگهي ٿي ۽ الله جي حڪم جي ڀڃڪڙي به ڪرائي ٿو جڏهن ته حڪمرانن جون ڪجهه ذميواريون آهن ته اهي ماڻهن کي اهڙو ماحول ??راهم ڪن ته مفلسي انهن جي دروازي تائين نه پهچي، انهن جو چلهه ٻرندو رهي، انهن جا بجلي جا بل ادا ٿيندا رهن ۽ هو پنهنجي ٻارن جي پرورش ڪندا رهن، هي ويلفيئر اسٽيٽ جو تصور جيڪو اولهه ۾ ڏنو ويو آهي اهو اسان ??ي دين جو به ڏنل آهي. هن چيو ته اخلاق جو درس قرآن ڪريم پڻ ڏي ٿو ان ??و سڀ کان وڏو مثال فتح مڪه جو ڏينهن آهي، جڏهن نبي ڪريم ﷺمڪي کان هجرت فرمائي ۽ جڏهن فتح مڪه جي موقعي تي پاڻ سڳورن صلم فرمايو ته اڄ رحمت جو ڏينهن آهي. هن چيو ته اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته ان ??حمت جو ڪو ڇنڊو اسان ??ائين پهتو آهي ڇا اسان ماڻهن کي معاف ڪرڻ سکيو آهي؟ هن چيو ته هن ڪانفرنس جي حوالي سان مشاورت دوران ??مورن عالمن سان ا?? شيءَ تي اتفاق ٿيو آهي ته ڪانفرنس ۾ غربت ۽ بک جي خاتمي جي حوالي سان مڪالا پيش ڪيا وڃن ته جيئن ا?? جي روشني ۾ ڏسي سگهجي ته ڪهڙيون پاليسيون ٺاهڻ سان ??وام کي زندگي جو بهتر معيار فراهم ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته قرآن پاڪ جي حڪمن موجب اسان کي پاڻ کي ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ڇا اسان پنهنجون زندگيون قرآن جي حڪمن موجب گذاري رهيا آهيون؟ ان موقعي تي خط??ب ڪندي گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي ڪانفرنس کي خط??ب ڪندي چيو ته مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد ۽ سمورن شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃان ٿو، سڀ کان پهرين رياست جو تصور نبي ڪريم ﷺجو ڏنل آهي ۽ ان ??ي سڀ کان ??نيادي شيءَ ڪردار آهي ۽ ان کان ??ڳتي وڌي ان ??ي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اڄ ڪانفرنس جو موضوع معيشت کي درپيش چئلينجز آهن ته ان ??ڀني ۾ اسان ??رابر جا شريڪ آهيون، هن چيو ته اسان وٽ سڀ کان ??نيادي مسئلو ڪرپشن ۽ بدعنواني آهي، هن ملڪ سان ??يڪو ظلم ڪيو ويو آهي اهو هي آهي ته ان ??ي پاڙن کي کوکلو ڪيو ويو آهي، هي ملڪ اسان ??ي نبي ڪريم ﷺج?? امانت هئي ۽ اسان ا?? سان ڇا ڪيو آهي؟ هن چيو ته جيڪا تعليم نبي ڪريم ﷺ اسان کي ڏني ڇا اسان ا?? تي عمل ڪيو آهي؟ ڇا اسان واپار، هم آهنگي، اقليتن سان ا??ي سلوڪ ڪيا جيڪي نبي ڪريم ﷺٻڌايا؟ اسان ??و دين ۽ ني ڪريم ﷺته محبت ۽ شفقت جو درس ڏنو پر اسان هن معاشري ۾ ڪٽرپڻي کي ان ??ي نالي سان هٿي ڏني، هن چيو ته جڏهن نبي ڪريم ﷺکي اقتدار مليو ته سڀ کان پهريون ڪم رحمت ۽ شفقت ڏيکاري پر اسان کي جيڪي اسان ??ي ٻنهي جهانن جي سردار نبي ڪريم ﷺجيڪا تعليم ڏني اسان ??لڪل ان ??ي ابتڙ وڃي رهيا آهيون جنهن جي ڪري اسان مشڪلاتن جو شڪار آهيون، هي ملڪ، ملڪ خداداد آهي ۽ هي اسلام جو قلعو آهي. هن چيو ته ٻين ملڪن ۾ رهندڙ نبي ڪريم ﷺجي جون سموريون شيون اختيار ڪري ورتيون آهن ۽ اسان ا?? جي ڪردار کي، جيڪو اسان ??ي رت ۾ شامل آهي، ڇڏي ڏنو آهي جنهن سبب هن مشڪل حالتن ۾ گهيرجي ويا آهن.