اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊون منعقد ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي ??دد ڪرڻ جا ذميوار آهيُون، مولانا ف??ل الرح??ان وڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، سندس بيان جو مناسب جواب اليڪشن ڪميشن ئي ڏئي سگهي ٿي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير هڪ سوال تي چيو ته مولانا ف??ل الرح??ان وڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، سندس بيان اليڪشن ڪميشن ڏسي ورتو هوندو، اها ئي ان جو مناسب جواب ڏئي سگهي ٿي، چونڊون منعقد ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي ??دد جا ذميوار آهيون. نواز شريف جي ??طن واپسي بابت سوال تي هن چيو ته نواز شريف جي ??اپسي جو نگران حڪومت سان ڪو تعلق نه آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا سدا بهار آهن ۽ انهن جو مستقبل تمام شاندار آهي.