اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) والاريل ??شم??ر تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ??شم??ر ڏهاڙي جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس کان ??شم??ري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد، غلام محمد صفي سميت ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن، اهميت شخصيتن، پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ??شم??ري عوام تي ظلم جي تاريخ ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، ڀارتي ظلمن جي باوجود ??شم??رين جي آزادي جي جذبي ۾ اضافو ٿيو آهي، دنيا جي ڪا به طاقت ??شم??رين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۽ آزادي جي جذبي کي ختم نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ۽ ??شم??ر تي غيرقانوني قبضو ڪيو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل جي ??شم??ر بابت پاس ٿيل قراردادن جي خلاف ورزي ۽ پنهنجي آئين جي خلاف ورزي جو مرتڪب ٿي رهيو آهي. ريلي جي موقعي تي ٻين خطاب ڪندڙن چيو ته ??شم??ري عوام 76 سالن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم برداشت ڪري رهي آهي. پاڪستان ??شم??ري عوام سان گڏ آهي ۽ گڏ رهندو. هن چيو ته 1947ع کان شروع ٿيل ظلم اڄ به جاري آهي، ڀارت والاريل ??شم??ر ۾ ماڻهن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪري رهيو آهي. هنن گڏيل قومن تي زور ڏنو ته هو ??شم??ر جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڀارت والاريل علائقي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني قدم کڻي رهيو آهي. خطاب ڪندڙن چيو ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي سرينگر ۾ پنهنجي فوج لاهي ??شم??ر تي غيرقانوني قبضو ڪيو. هن چيو ته اڄ کان 76 سال اڳ ڀارت ??شم??ر تي جبري قبضو ڪيو، اهو جبر ۽ ظلم هن وقت تائين جاري آهي. هنن چيو ته جيئن جيئن ظلم ۽ ڏاڍ وڌيو ??شم??ري عوام جو جذبو به ائين ئي وڌيو آهي. ريلي کي خطاب ڪندي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن چيو ته ڀارت ??شم??رين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد کي وڌيڪ عرصي تائين نٿو دٻ??ئي سگهي. هنن ??شم??ري عوام کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ??شم??رين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. هنن چيو ته ??شم??ري عوام ڀارتي قابض فوج جو مقابلو انته??ئي بهادري سان ڀرپور طريقي سان ڪيو آهي. ??شم??ر جي آزادي جي جدوجهد دوران هيستائين لکين شهيدن قربانيون ڏنيون آهن. هنن عالمي برادري کي چيو ته اها ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪري. ان کان اڳ ريلي پرڏيهي وزارت کان شروع ٿي ڊي چوڪ تي پڄاڻي تي پهتي.