اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهه ا??لاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگرا?? وزيراعظم 8 ۽ 9 نومبر تي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهه ا??لاس ۾ شريڪ ٿيندو. ترجمان چيو ته نگرا?? وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ??ند?? ميمبر ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ??ڻ ڪندو. ترجمان فلسطين جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان کي فلسطين جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل جي قابض فوج فلسطين ۾ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهي آهي، گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي، گڏيل قومن کي غزه ۾ گهيراءُ جي خاتمي، بمباري روڪڻ ۽ انساني بنيادن تي ڪراسنگ کولڻ تي زور ڏيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جاري آهن، گذريل مهيني ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير ۾ 17 ڪشم??ري?? کي شهيد ڪيو، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪشم??ري?? تي ظلم جاري آهن. هن چيو ته ڀارتي ايجنسيون ??اڪستان ۾ جاسوسي، دهشتگردي ۽ شرپسندي ۾ ملوث آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ممتاز زهره بلوچ چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين جي خلاف ايميگريشن منصوبي تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي. پاڪستان هڪ مهينو اڳ غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي ملڪ ڇڏڻ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي هئي.