اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم جي انساني حقن بابت خاص مددگار مشعال ملڪ چيو آهي ته ڀارتي ??وج والاريل ڪشمير ۾ خوداراديت جي حق جي آواز کي دٻائڻ لاءِ جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهي، ڪشميري 76 سالن کان اڄ جي ڏينهن کي ڪاري ڏهاڙي طور ملهائي رهيا آهن، جڏهن ڀارتي ??وج اسان جي سرزمي?? تي پهريون ڀيرو اسان جي سرزمي?? تي قدم رکيو هو ڪشميري قوم آزاديءَ جو حق وٺي رهندي. اهڙو اظهار هن 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي خاص مددگار مشعال ملڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته اسان ڪشميري 76 سالن کان اڄ جو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهائي رهيا آهيون، اڄ جي ڏينهن ڀارتي قابض ??وج اسان جي سرزمي?? تي پهريون ڀيرو قدم رکيو. هن چيو ته ڪشميري قوم هٿين خالي ڀارتي ??وج جو مقابل?? ڪيو ۽ ڪشميري قوم ڏُک ۽ رت جون لازوال ق??بانيون ڏنيون آهن. مشعال ملڪ چيو ته اسان ڪشميري عوام آزاديءَ جو حق وٺي رهنداسين، اسان جي اها جدوجهد آزادي ملڻ تائين جاري رهندي. مشعال ملڪ چيو ته ڀارتي ??وج والاريل ڪشمير ۾ خوداراديت واري حق کي دٻائڻ لاءِ جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهي آهي. گڏيل قومون هڪ اعليٰ سطحي ڪميشن بڻائي جيڪا بين الاقوامي قانونن مطابق سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ انهن ڏوهن جي جاچ ڪرائي.