اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ سان بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي معاملن واري خصوصي نمائندي مولانا طاهر اشرفي ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ غزه ۾ غاصب صيهوني فوج ??اران معصوم فلسطينين تي جاري نسل ڪشي ۽ ظلمن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته عالمي قوتن کي فلسطينين تي جاري ظلم کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪ??دا?? ادا ڪرڻ گهرجي. ملاقات ۾ نگران وزير??عظ?? ۽ مولانا طاهر اشرفي فلسطينين خاص طور تي غزه جي صورتحال جي حوالي سان تمام جلد ٿيندڙ اسلامي ت??او?? تنظيم (او آءِ سي) جي اجلاس جي آجيان ڪئي. مولانا طاهر اشرفي ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ حڪومتي قدمن تي نگران وزير??عظ?? خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزير??عظ?? مولانا طاهر اشرفي جي بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.