اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته ملڪ ۾ هن وقت 4525 ارب رپيا ماليت جا 90 ڪروڙ پنج لک نوٽ گردش هيٺ آه??. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز جي 5 هزار رپين جي نوٽ بابت رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته پنج هزار جو نوٽ پهريون ڀيرو 27 مئي 2006ع تي جاري ٿيو هو، هن وقت ملڪ ۾ 90 ڪروڙ پنج لک نوٽ گدش هيٺ آه?? جن جي ماليت 4525 ارب رپيا آه??. هن چيو ته اسٽي?? بئنڪ جيڪو به ڪرنسي نوٽ جاري ڪري ٿي يا پوءِ ختم ڪري ٿي اهو باقاعده قانون موجب هوندو آه??. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ اسٽي?? بئنڪ ايڪٽ ۾ ترميم ڪري اسٽي?? بئنڪ ڪجهه وڌيڪ ئي آزاد ڪيو ويو هو، اهو بنيادي اقتصادي پاليسي جو معاملو آه??، مختصر مدي جي لاءِ ايندڙ نگران حڪومت بدران ايندڙ پارليامينٽ اسٽي?? بئنڪ جي آزادي جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪري ته مناسب ٿيندو، جيڪڏهن اهو معاملو بحث هيٺ آندو وڃي ته ناڻي واري نگران وفاقي وزير ان جو جواب ڏيندي، اسان اهي منظر ڏسڻ نه ٿا چاهيون جيڪي اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ ڊي موناٽائيزيشن جي وقت نظر آيا هئا. ان کان اڳ رٿ تي ڳالهائيندي سينيٽر محسن عزيز چيو ته ملڪ ۾ 5 هزار رپين جو نوٽ ناڻي واڌ ۽ بدعنواني جو سبب آه??، ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فور?? قدم کڻڻ گهرجن. سينيٽر وليد اقبال چيو ته 5 هزار رپين جو نوٽ جمع ڪرائيندڙن جو رڪارڊ پڻ جوڙڻ گهرجي.