اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري دانشور، شاعر، ناول نگار، مترجم ۽ ايڊيٽر احمد سليم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آه??. سماجي رابطن جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنه??جي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ناليواري دانشور، شاعر، ناول نگار، مترجم ۽ ايڊيٽر احمد سليم جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، احمد سليم پوري زندگي ثابت قدمي سان جمهوري قدرن، پورهيت عوام، ملڪ جي پٺتي پيل، محروم، ڪمزور ۽ مظلوم ماڻهن جو آواز بڻيل رهيو. هن چيو ته احمد سليم جو لاڏاڻو منه??جي لاءِ ذاتي نقصان آه??. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.