اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري (آفريقا) شهريار اڪبر خان 5 ۽ 6 ڊسمبر تي گهانا جي شهر اڪرا ۾ گڏي?? قومن جي منعقد ٿيندڙ امن فوج جي وزارتي ميٽنگ ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو وزارتي اجلاس انهن اجلاسن جو حصو آهي جن مان هڪ هن سال آ??سٽ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيو هو جن ۾ ”گڏي?? قومن جي پيس ڪيپرز جي حفاظت ۽ سلامتي“ تي ڌيان ڏ??و وڃي ٿو. هن چيو ته ان اجلاس ۾ اسان جي شرڪت گڏي?? قومن جي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پائيدار وابستگي کي اجاگر ڪري ٿي جنهن جي تاريخ ڇهن ڏ??اڪن تي ٻڌل هڪ اهم فوجي حصيدار طور آهي.