اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي سان گلگت بلتستان ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي موجوده صورتحال ۽ مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد سان ڳالهائيندي ص??ر چيو ته گلگت بلتستان جي پائيدار سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته گلگت بلتستان جي سياحت جي شعبي ۾ترقي جا ت??ام گهڻا امڪان موجود آهن، خطي جي عوام تعليم يافته ۽ ڀرپور صلاحيتن ج?? مالڪ آهي جتي خواندگي جي شرح هڪ خوش آئنده اشاريو آهي. صدر چيو ته گلگت بلتستان جي قدرتي ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، مقامي زراعت ۽ پوکيءَ کي ڀرپور صلاحيت موجب ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ص??ر ڊاڪٽر ??ار?? علوي گلگت بلتستان جي مسئلن بابت لاڳاپيل فورمز کي آگاهه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.