اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪا??ي، توانائي، صحت، دفاع، تعليم، زراعت ۽ موسمياتي تبديلين جي شعبن ۾ موجوده مثبت رفتار کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪس??ان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪا??ي، توانائي، صحت، دفاع، تعليم، زراعت ۽ موسمياتي تبديلين جي شعبن ۾ موجوده مثبت رفتار کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ غير??لڪ?? سيڙپڪاري راغب ڪرڻ جي لاءِ ميڪرو اڪنامڪ سڌارن تي ڌيان ڏيندي. ان سلسلي ۾ هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ڪردار تي پڻ روشني وڌي جيڪا پاڪس??ان ۾ ترجيحي شعبن ۾ غير??لڪ?? سيڙپڪاري کي تيز ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. ملاقات دوران ٻطرفن ۽ علائقائي اهميت جي ڪيترن ئي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جن ۾ غزه ۽ بحيره احمر جي صورتحال جي صورتحال، افغانس??ان م ٿيندڙ اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه شامل آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم آمريڪي سفير آڏو ڊاڪٽر عافيه صد??قي جو معاملو پڻ پرزور طريقي سان اٿاريو. وزيراعظم کي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي آمريڪي سفير چيو ته آمريڪا پاڪس??ان کي هڪ اهم پارٽنر سمجهي ٿو ۽ ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪس??ان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اميد ڪري ٿو.