برسلز – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ ??يو??ليئر ان??جي سمٽ 2024ع جي موقعي تي آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف س??ن ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بي??ن موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال خاص طور تي زراعت ۽ ان??اني صحت سميت سمورن شعبن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو عزم ڪيو. هنن ائٽمي توانائي جي استعمال جي ذريعي موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بي??ن موجب پاڪستان ۽ آذربائيجان زراعت سميت ائٽمي ايپلي ڪيشنز ۾ ڪاميابي سان تعاون ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار آذربائيجان سان ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال ۾ تجربي ۽ مهارت جي حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي تياري کان آگاهه ڪيو.