اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان فلسطين جي سفير احمد جواد اي ربيع ملاقات ڪئي ۽ کيس عهدو سن??الڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير فلسطين جي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ فلسطين?? ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات دوران پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي تي زور ڏنو.