اسلام آباد – 14 – مئي (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته قومي سلامتي تي ڪو ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، قومي سلامتي جي معاملن کي خطن وانگر عام نه ڪرڻ گهرجي، اٽارني جنرل پنهنجي سمورن تاثرن کي واضح ڪري ڇڏيو آهي. قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪ??نفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اٽارني جنرل آف پاڪستان اسٽيٽ جو نمائندو آهي، سندس پاران ان ڪئميره بريفنگ ج?? پيغام کي حقيقت کان هٽي ڪري ڏٺو ويو، اٽارني جنرل پاران ان ڪئميره بريفنگ جي ريڪوئسٽ قومي سلامتي جي ڪري ڪئي وئي هئي، اسان کي قومي سلامتي کي سمجهڻ گهرجي، اٽارني جنرل پنهنجي سمورن تاثرن کي واضح ڪري ڇڏيو آهي، قومي سالامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن چيو ته قومي سلامتي جي معاملن کي اهڙي طرح خطن جي ذريعي سوشل ??يڊ??ا تي اجاگر نه ڪرڻ گهرجي، ڪو معاملو ڊسڪس ڪ??ڻو هجي ته چيف جسٽس فل ڪورٽ گهرائي سگهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ڇڪتاڻ واري ما??ول کي گهٽ ڪري سمورن ادارن کي گڏجي هلڻو پوندو.