اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملڪ جي سين??ئر صحافي ملڪ حسن زيب جي قتل جي مذمت ڪئي آهي جيڪو گذريل ڏينهن اڻڄاتل هٿيارب??دن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو هو. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان ??ار?? ڪيل بيان مطابق قومي اسيمبلي جي اسپيڪر صحافي ملڪ حسن زيب جي جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. اسپيڪر مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ ڌڻي در دعا ڪئي ۽ اهو ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ لاءِ پڻ صبر جي دعا ڪئي.