اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن، هن پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان سلطنت عمان جي سفير فهد سليمان خلف الخروسي وز??راعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وز??راعظم مسقط جي ضلعي واديءَ ڪبير ?? امام بارگاهه علي ابن ابوطالب تي ٿيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ چار پاڪستاني شهرين سميت 6 ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جن مان اٽڪل سمورا پاڪستاني هئا. وز??راعظم حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستانين جي ميتن جي وطن واپسي ۽ زخمين جي علاج جي لاءِ عمان پاران فوري قدمن ۽ پاڪستاني سفارتخاني سان تعاون کي ساراهيو. وز??راعظم عمان کي دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي تعاون جي آڇ ڪئي. ملاقات دوران وز??راعظم سلطان هيثم بن طارق جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو جڏهن ته سلطان سان عيدالاضحيٰ ۽ عيدالفطر جي موقعي تي ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو پڻ ذڪر ڪيو. وز??راعظم سلطان هيثم بن طارق کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي پنهنجي اڳ ۾ ڏنل دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۽ عمان جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. هن پاڪستان پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وز??راعظم واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جي لاءِ وفد کي ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪ??ڻ جي ترغيب ڏيڻ تي سف??ر جا ٿورا مڃيا ۽ کيس يقين ڏياريو ته لاڳاپيل عملدار گڏيل طور تي لاڀائتا نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفد کي مڪمل تعاون فراهم ڪندا. عمان جي سفير وز??راعظم جا ٿورا مڃيا ۽ عمان جي سلطان پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پنهنجي ملڪ جي پاڪستان سان واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.